پ پ سنڌ طرفان عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي رٿيل مظاهرا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي چيو ته پ پ احتجاج کي صبر جو مظاهرو ڪندي في الحال ملتوي ڪري رهي آهي، عوام جي آواز کي ٻڌو وڃي ۽ ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن.
هن چيو ته جيڪڏهن عوام جي احتجاج کي نه ٻڌو ويو ته ٻيهر احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
نثار کهڙي چيو ته پاڪستان الڳ الڳ چونڊون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ڌار چونڊن سان پاڪستان جو سياسي نظام تباهه ٿي ويندو.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ڌار ڌار چونڊن سدائين لاءِ اليڪشن جي شفافيت تي سواليا نشان لڳنديون.
نثار کهڙي چيو ته اسيمبلين جو پنج سال مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ سان سياسي نظام مضبوط ٿيندو.