پاڪستان بار ڪائونسل ملڪ ۾ عدم استحڪام سبب آل پاڪستان وڪيل ڪانفرنس گهرائي ورتي آهي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وڪيل ڪانفرنس 17 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ ٿيندي.
ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ بار ۽ هائيڪورٽ بار ڪائونسلن جي وڪيلن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
پڌرائي موجب سياسي ۽ آئيني بحران توڙي ادارن جي جهيڙي واري معاملي تي آل پاڪستان لائرز ڪانفرنس ڪوٺائي پئي وڃي، سياسي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ ڊيگهه نه ٿي ڏئي سگهجي.
بيان ۾ چيو ويو ته موجوده حالتن سبب سپريم ڪورٽ ۽ ملڪي وقار کي نقصان پهچي رهيو آهي، ڪانفرنس ۾ عوام خاطر مستقبل جي حڪمت طئه ڪئي ويندي.
پاڪستان بار ڪائونسل موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي تنقيد اجائي آهي، قاضي فائز عيسيٰ جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ساراه جوڳو عمل آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته جسٽس انور ظهير جمالي به چيف جسٽس جي حيثيت سان سينيٽ سيشن ۾ شريڪ ٿيو هو.