پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس ڪري ڇڏي.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب سرڪاري اسڪيم تحت 8 هزار حج پانڌيئڙن جي ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪئي وئي آهي.
سرڪاري اسڪم تحت گهٽ درخواستون ملڻ تي حج ڪوٽا واپس ڪرڻي پئي.
ذريعن موجب حج ڪوٽا واپس نه ڪئي وڃي ها ته رهائشگاهن جي ڪرائي ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ 24 ملين ڊالر اضافي رقم ادا ڪرڻي پوي ها.
مهانگي حج سبب پاڪستانين گهٽ درخواستون جمع ڪرايو، جنهن بعد حج ڪوٽا واپس ڪرڻ جو فيصلو وفاقي ڪابينا ڪيو.