پاڪستان جي انٽرنيشنل بانڊ جي قيمت مسلسل ڇهين ڏينهن ٻاڙائي جو شڪار آهي جڏهن ته بانڊ جي پيداوار هڪ ڏينهن ۾ 16 سيڪڙو مان وڌيي اربع تي انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ تقريبن 106 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
بانڊ جي قيمت ۽ ان جي پيداوار مخالف طرف هلندي آهي قيمت جي تازي گهٽتائي ۽ پيداوار ۾ واڌ ٻئي ٻڌائن ٿا ته پاڪستان جي غيرمُلڪي قرضن جي ادائيگي ۾ ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جو عالمي بانڊ جي مدت پوري ٿيڻ تي ادائگيون شامل آهن.
بحران جي وچ ۾ ادائيگين جو توازن وڌيڪ بگڙجي ويو مُلڪ ۾ سياسي درجا حرارت به وڌي وئي آهي جنهن معيشت کي لوڏي ڇڏيو آهي.
مقامي ريسرچ هائوسز جي مرتب ڪيل ۽ رپورٽ ڪيل ڊيٽا جي مطابق پاڪستان 10 سالن جي خودمختار عالمي بانڊ جي ماليت هڪ ارب ڊالر آهيجڏهن ته حڪومت بانڊ جي سيڙپڪارن کي اُڌار جي رقم واپس ڪري ڇڏيندي.