پاڪستان جي مشهور ادڪار شان شاهد طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي منفرد انداز ۾ عيد مبارڪ ڏني وئي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اداڪار شان شاهد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي لکيو ته عمران خان اوهان اسان جي عيدي آهيو.
عمران خان پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان خاص ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، ڪرپشن خلاف موقف جي ڪري هو ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۾ بي حد مقبول آهي.
اهو پهريون موقعو ناهي جو اداڪار شان شاهد عمران خان لاءِ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو هجي، ان حوالي سان پهريان به هو اڳوڻي وزيراعظم جي حق ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهيو آهي.