آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ڏکيائين کان واقف آهن، هو پاڪستان کي بهتر معاشي پوزيشن ۾ ڏسڻ چاهين ٿا.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته کين ڄاڻ آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي ادارن سان رابطي ۾ آهي.
نيد پرائس چيو ته هو پاڪستان کي بهتر معاشي پوزيشن ۾ ڏسڻ چاهين ٿا، جتي به ممڪن ٿي سگهي پاڪستان جي سپورٽ ڪندا آهن، ٻه طرفي رابطن ۾ اهڙن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان سان ٽيڪنيڪل نقطن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، پرڏيهي وزارت، ناڻي واري وزارت، وائيٽ هائوس ۽ ٻيا ادارا به ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي ڳالهه ڪندا آهن.
واضع رهي ته آمريڪا جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي قرضن جي منظوري ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪئي آهي.