پاڪستان جي ناليواري ڳائڻي آئمھ بيگ انڪشاف ڪيو آھي تھ ھڪ ڀيرو 72ورھين جي شخص کيس ڊيٽ تي ھلڻ جي دعوت ڏني.
يوٽيوب پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالھائيندي آئمھ بيگ چيو تھ کيس 72 ورھين جي شخص جي فون ڪال آئي، کيس لڳي پيو تھ ھوءَ امريڪي رياست اوھايو ۾ رھندي آھي.
آئمھ بيگ ٻڌايو تھ سڀ کان دلچسپ ڳالھھ سندس ڊيٽ واري آڇ ۾ اھا ڳالھھ لڳي تھ ھن کيس پائن ايپل پين ڪيڪس کائڻ لاءِ گڏ ھلڻ جو چيو.
آئمھ بيگ چيو تھ ھن ڪڏھن بھ پائن ايپل پين ڪيڪس نھ کاڌو آھي پر کيس ان ڳالھھ جو علم نھ ھو تھ اھو شخص اھو ئي کارائڻ لاءِ ڇو چئي رھيو ھو.
ھن اھو بھ انڪشاف ڪيو تھ جڏھن ھو 16ورھين جي ٿي تھ ھڪ ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندي ھئي تھ ڪجھھ اضافي رقم گڏ ڪري سگھي ۽ ھو ماڻھن کي امريڪا ۾ ڪيبل ڪنڪشن وڪرو ڪندي ھئي.