پاڪستان جي ڏهاڙي تي علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پر وقار تقريب

- Advertisement -
پاڪستان جي ڏهاڙي تي علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پر وقار تقريب ٿي. علامه اقبال جي مزار تي هوائي فوج جي خصوصي دستي فرض سنڀالي ورتا. گارڊز جي تبديلي واري تقريب دوران هوائي فوج جي دستي مزار اقبال تي سلامي پيش ڪئي. ايئر وائس مارشل طارق محمود خاص مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايئر وائس مارشل طارق محمود مزار اقبال تي گل رکيا، پاڪستان ۽ مسلمانن جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي. ايئر وائس مارشل طارق محمود، گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. ايئر وائس مارشل طارق محمود مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان کان اڳ هوائي فوج جي 54 دستي، ستلج رينجرز جي جاءِ تي مزار اقبال تي حفاظتي ذميواريون سنڀاليون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
32%
4m/s
6%
خميس
21 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون