پاڪستان دوري تي آيل نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم چيو آھي تھ پاڪستان جي ھڪ ڪوالٽي ٽيم آھي، ھو سٺي راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
گذريل ڏينھن لاھور ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.
ٽرافي جي رونمائي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ٽام ليٿم چيو تھ سندن ٽيم ۾ اھم رانديگر نھ آھي، ھو آءِ پي ايل کيڏي رھيا آھن ۽ نوَن رانديگرن وٽ سٺي راند پيش ڪرڻ جو بھترين موقعو آھي.
ھن چيو تھ سريلنڪا جي خلاف سيريز ختم ٿيڻ بعد ھو ھتي پھتا آھن، پاڪستان وٽ ميچ ونرز بالر آھن.