پاڪستان روس کي رعايتي تيل جو پهريون آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، ممڪلتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته روس سان رعايتي تيل خريد ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان کي رڳو روسي ڪچو تيل ملندو، ريفائنڊ تيل نه ملندو، روس طرفان رعايتي تيل جو پهريون ڪارگو مئي مهيني ۾ پهچندو پر روسي تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڊسڪائونٽ ريٽ ظاهر نٿو ڪري سگهجي.
خابرو اداري سان ڳالهائيندي مقصد ملڪ چيو ته روس سان رعايتي تيل خريد ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان کي رڳو روسي ڪچو تيل ملندو، ريفائنڊ تيل نه ملندو.
سندس چوڻ هو ته روس طرفان رعايتي تيل جو پهريون ڪارگو مئي مهيني ۾ پهچندو پر روسي تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڊسڪائونٽ ريٽ ظاهر نٿو ڪري سگهجي.
مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته روس کان ملندڙ ڪچو تيل پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ ۾ ريفائن ٿيندو، پاڪستان جو هڪ لک بيرل روزانو روسي تيل گهرائڻ جو منصوبو آهي……..