- Advertisement -
پاڪستان طرفان روس جي راڄڌاني ماسڪو جي ڪنسرٽ هال ۾ دهشتگرد حملي ۾ سخت لفظن جي مذمت ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان طرفان جاري مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماسڪو جي ڪنسرٽ هال ۾ خوفناڪ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، پاڪستان دهشتگرد جي متاثرن ۽ سندن پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته مشڪل جي هن ڏکئي وقت ۾ هو روس جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.
واضع رهي ته روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ ڪنسرٽ دوران فائرنگ ۽ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 62 شهري مارجي ويا ۽ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن…….- Advertisement -
