تازه ترين

پاڪستان عطيو ڏيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي: ناڻي واري وفاقي وزير

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عطيو ڏيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي، جيڪي ماڻهو عطيو لڪائي رهيا آهن، اهي به سامهون اچن. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ترقي جا فائدا عوام تائين پهچائڻ لاءِ سڌارا متعارف ڪرايا آهن ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سوشل فنانسنگ فريم ورڪ تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قومن جي ترقيءَ ۾ چئلينج ايندا آهن پر متحد ٿي انهن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ملڪي ترقيءَ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارن جي کوٽ ناهي، 300 کان وڌيڪ رجسٽرڊ ڪمپنيون فلاحي قدمن لاءِ فنڊنگ ڪن ٿيون. هن چيو ته خانگي شعبي جو ملڪي معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، خانگي شعبي طرفان فلاحي ڪمن لاءِ فنڊن جي دستيابي کي هو قدر جي نظر سان ڏسن ٿا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو عطيو لڪائي رهيا آهن، اهي به سامهون اچن، عطيو ظاهر ڪرڻ دين ۽ دنيا ٻنهي لاءِ بهتر آهي، عطيو ڏيندڙ ڪمپنيون ۽ ڪاروباري شخصيتون مشعل راهه آهن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
23 %
1.8kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون