پاڪستان غزا جي ناڪابندي فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطنين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري رهيو آهي، غزا ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو آهي، عورتون ۽ ٻارڙا به شهيد ٿيا آهن، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
اسلام آباد ۾ هفيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ نگران پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، والاريل وادي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ حريت جماعتن تي ڀارتي حڪومت پابنديون مڙهي رهي آهي، ڪشميرين کي سندن مرضي موجب آزاديءَ جو حق ملڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان غزا ۾ اسرائيل جي اڳرائي جي سخت مذمت ڪري ٿو، غزا ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو، معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شهيد ٿيون.
هن چيو ته هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل طرفان ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي، هو گڏيل قومن کان مطالبو ڪن ٿا ته هو سيز فائر جي ڀرپور ڪوشش ڪري.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، چيني صدر جي خاص دعوت تي نگران وزيراعظم چين جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران هو اهم ڪاروباري ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو.