پاڪستان نيوزيلينڊ سيريز جي لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
علي نقوي ۽ ڪرس براڊ ميچ ريفري مقرر ڪيا ويا آهن، علي نقوي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ميچ ريفري جا فرض سرانجام ڏيندو.
احسن رضا، عليم ڊار، آصف يعقوب، فيصل آفريدي ۽ راشد رياض امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏيندا.
آءِ سي سي ايليٽ پينل جي ميمبر ڪرس براڊ کي ون ڊي سيريز جي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ونڊي ميچن لاءِ احسن رضا، جول ولسن، عليم ڊار، آصف يعقوب، فيصل آفريدي، لنگٽون روسير ۽ راشد رياض امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏيندا.