پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم ۾ واپسي لاءِ فاسٽ بالرز ۾ مقابلو سخت ٿي ويو آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل ۾ انجري سبب ايوينٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ هاڻي هو پاڪستان شائينز ٽيم سان گڏ زمبابوي وڃي رهي آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان کي وڌيڪ سٺا بالرز ملي ويا آهن، هاڻي فاسٽ بالرز جي وچ ۾ مقابلو سخت ٿي ويو آهي، هر فاسٽ بالر ڪم بيڪ لاءِ پاڻ کي وڌيڪ فٽ رکڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي به ڪوشش ڪندو.
شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ورلڊڪپ جو سال آهي ان لاءِ زمبابوي دوري تي هو ڪوشش ڪندو ته ٽاپ پرفارمر بڻجي ۽ ٽيم ۾ ڪم بيڪ ڪري ميگا ايوينٽ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري.
شادي بابت شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته سندس گهروارن ڇوڪري ته پسند نه ڪئي آهي پر الٽيميٽم ڏنو آهي ته سندس هڪ سال ۾ شادي ڪرائي ويندي.
هن چيو ته پاڪستان شائينز ٽيم ۾ مصروفيت سبب عيد هن ڀيري ملڪ کان ٻاهر ٿيندي، عيد تي گهروارن کي هو ياد ضرور ڪندو.
قومي ٽيم جي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته وهاب رياض جيان هو اسپورٽس منسٽر بڻيو ته سنڌ ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊميز ٺاهيندو…….