پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ کيڏيل پنج ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 289 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
فخر زمان جي 117 رنسن جي شاندار اننگز جي مدد سان پاڪستان 49 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان امام الحق 60، بابر اعظم 49، شان مسعود هڪ، آغا سلمان 7 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته محمد رضوان 42 رنسن جي شاندار ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ طرفان ايڊم مولن 2 جڏهن ته ايش سوڍي، بليئر ٽڪنر ۽ ريچن رويندر هڪ- هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل ۽ ول ينگ 86 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، چاڊ بوز 18، ٽام ليٿم 20 ، مارڪ چيپمين 15 ۽ ريچن رويندر 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه 2، 2 جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته باقي ٽي ميچون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.