اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پورهيتن جي پارٽي آهي تنهنڪري پورتن جي حقن جو تحفظ ڪندي رهندي.
مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو پورهيتن جو هميشه ساٿ ڏنو هو، ليبر سڌارن جي ذريعي مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو هو.
آصف زرداري چيو ته اڄ وڏي مهانگائي جي ڪري پورهيت طبقو معاشي بدحالي جي ور چڙهيل آهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت وفاق ۾ بينظير امپلائيز اسٽاڪس آپشن اسڪيم تحت سرڪاري صنعتي ادارن ۾ پورهيتن کي حصيدار بڻايو هو ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي.
آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سمورن پورهيتن جي حمايت سان پاڪستان پيپلزپارٽي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پورهيتن جي تڪليفن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪندي.
اڳوڻي صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته هو شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي منشور تي عمل پيرا آهن بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شهيد ناني ۽ شهيد امڙ وانگر پورهيتن جو ساٿ ڏيندو ۽ سندن حقن جو تحفظ ڪندو.