پاڪستان کانپوءِ هاڻي آمريڪي ايوان ۾ به سائفر کي ڪوڙو موقف چئي رد ڪيو ويو آهي : شيري رحمان

spot_img
پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان کانپوءِ هاڻي آمريڪي ايوان ۾ به سائفر کي ڪوڙو موقف چئي رد ڪيو ويو آهي. آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۾ ڊونلڊ لو جي بيان تي سينيٽر شيري رحمان ردعمل ڏيندي چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۾ ڊونلڊ لو واضح طور تي سائفر موقف کي ڪوڙ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته هاڻي اها ڳالهه باضابطه طور تي طئي ٿي چڪي آهي ته سائفر کي بنياد بڻائي تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي مقصدن جو تحفظ ڪيو. پيپلزپارٽي جي نائب صدر چيو ته آڊيو ليڪ ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس ساٿين سائفر تي سياست کيڏڻ جي رٿابندي ڪندي ٻڌا ويا. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پرنسپل سيڪريٽري سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ۾ تفصيلي وضاحت پيش ڪري چڪو آهي، هڪ سفارتي لکت کي سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، سائفر موقف کي پنهنجن ننڍڙن سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي مفادن کي داءَ تي لڳائڻ جي بدترين  مثال طور ياد رکيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون