پاڪستان کي چين کان پنجاهه ڪروڙ ڊالر قرض ملي ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ چيني بئنڪ آءِ سي بي سي طرفان موڪليل 500 ملين ڊالر رقم ملي وئي آهي.
هن چيو ته چين طرفان مليل رقم سان پاڪستان جا ناڻي جي مٽاسٽا وارا ذخيرا بهتر ٿيندا.
اسحاق ڊار قرض جي ٻي قسط ملڻ تي الله جو شڪر پڻ ادا ڪيو.
ٻه ڏينهن اسحاق ڊار ٻڌايو هو ته چيني بئنڪ پاڪستان کي قرض جي ٻي قسط ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي..