پاڪستان ڪرڪيٽ وٽ پھريون ڀيرو ون ڊي رينڪنگ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو سونھري موقعو آھي.
پاڪستان اربع ڏھاڙي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 26رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 3-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آھي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وٽ سونھري موقعو ھو تھ پھريون ڀيرو آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن حاصل ڪري.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ھن وقت آسٽريليا 113 رينڪنگ پوائنٽس سان پھرين نمبر تي آھي، جڏھن تھ ڀارت ٻئي ۽ انگلينڊ ٽئين نمبر تي موجود آھي، 11رينڪنگ پوائنٽس سان گڏ پاڪستان جو چوٿون نمبر آھي.
جيڪڏھن پاڪستان نيوزيلينڊ جي خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪيو تھ پھريون ڀيرو آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پھرين پوزيشن اچي ويندو.
واضح رھي تھ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جون رھيل ٻھ ميچون جمعي ۽ آچر تي کيڏيون وينديون.