آءِ ايم ايف جو جائزا مشن 31 جنوري تي پاڪستان پهچندو ۽ ان ئي ڏينهن کان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف فنڊ وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿيندي.
ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عالمي مالياتي اداري جو جائزا مشن 31 جنوري تي پاڪستان پهچندو.
عالمي مالياتي فنڊ جي مشن ۽ پاڪستان وفد وچ ۾ ڳالهين به 31 جنوري کان ئي شروع ٿينديون، جيڪو 9 فيبروري تائين جاري رهنديون.
ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض جي قسط فراهم ڪندي.