پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گوادر کي هڪ سئو ميگاواٽ بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ مفاهمتي ياداشتنامي تي صحي ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم ميان شهباز شريف جي هدايت تي توانائيءَ واري وزير خرم دستگير خان 10 کان 13 مارچ تائين ايران جو دورو ڪيو، جنهن دوران ايراني هم منصب علي اڪبر مهرابيان سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي وزيرن توانائيءَ جي شعبي ۾ نوان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته خرم دستگير جي دوري جو مقصد گوادر کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ هو.
ان معاهدي تي ڪم جي شروعات خرم دستگير جي جون 2022ع ۾ پهرين دوري دوران ٿيو هو، نون مهينن جي رڪارڊ وقت ۾ ايران کان گوادر تائين بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ لائن وڇائي وئي.
هن رٿا جو افتتاح جلد ڪيو ويندو، جنهن سان گوادر کي بنا ڪنهن رخني جي بجلي فراهم ٿيندي.