پاڪستان ۽ روس دفاع ۽ تعليم سميت مختلف شعبن سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
روسي هم منصب سرگئي لاروف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان خطي ۾ روس سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو ۽ ساڻن بهترين لاڳاپا پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته پاڪستان تڪرارن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ جو خواهشمند آهي، روسي وفد جو تازو دورو به بهترلاڳاپن جي ڪڙي آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار سان معاهدا ٿيا آهن، روسي هم منصب سان خوشگوار ملاقات ٿي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي به ڳالهيون ٿيون.
ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته روس پاڪستان سان دفعاي سهڪار جي حمايت ڪري ٿو ۽ هو دفاع توڙي تعليم سميت مختلف شعبن جي سهڪار وڌائڻ جا خواهشمند آهن.
هن چيو ته روس خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، ٻئي ملڪ مختلف فورمن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.
سرگئي لاروف چيو ته يوڪرين ۾ عالمي مداخلت هو روس جي سلامتي لاءِ خطرو سمجهن ٿا.