پاڪستان ۽ ملائيشيا جي فورسز جون گڏيل مشقون پڄاڻي تي پهتيون.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ ملائيشيا فورسز جون گڏيل فوجي مشون 9 کان 22 آڪٽوبر تائين ملائيشيا ۾ جاري رهيون.
ترجمان موجب مشقون ٻن مرحلن تي ٻڌل هيون، جن ۾ تربيتي ۽ فيلڊ ٽريننگ مشقون شامل هيون، مشقن سان ٻنهي ملڪن جي فوجن کي تمام گهڻو فائدو ٿيو.
آءِ ايس پي آر موجب مشقن سان ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوجن وچ ۾ تعلق مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مشقن سان هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۽ ميمبرن وچ ۾ دوستي ۽ مهارت وڌائڻ جو موقعو مليو.