پاڪستان ۽ چين طرفان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين ۾ ڊگهي ڀائيواري تمام گهڻي اهم آهن، پاڪستان ون چائنا پاليسي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ٻنهي ملڪن جي دوستي کي 70 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ چيني هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين ڪشمير سميت هر معاملي تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان ون چائنا پاليسي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران چيني پرڏيهي وزير سان اهم معاملن تي غور ڪيو ويو، پاڪ چين دوستي کي 70 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين طرفان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گڏيل دلچسپي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، سي پيڪ ٻنهي ملڪن ۾ اهم منصوبو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن، هو پرامن، مستحڪم، خوشحال ۽ متحد افغانستان لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان بلاڪ جي سياست يا ڪنهن به قسم جي وڌيڪ طاقت جي مقابلي خلاف آهي، ترقي ۽ رابطن جي گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.