- Advertisement -
پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي عزم جي اظهار لاءِ گڏيل فوجي مشق “واريئر 9 ” جي شروعات ڪري ڇڏي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻه طرفي دهشتگردي جي خاتمي بابت مشقن جي نائين قسط نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم پبي سينٽر ۾ شروع ٿي، جنهن جو مقصد گڏيل آپريشنز ۾ انٽر آپريبلٽي ۾ اضافو، پيشواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ۽ جديد جنگي ٽيڪنڪن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دفاعي ڀائيواري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ سهڪار جي تسلسل طور تي اها مشق ٻنهي ملڪن جي مضبوط فوجي لاڳاپن ، خطي جي امن ۽ استحڪام جي عزم جو ثبوت آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گڏيل فوجي مشق جي افتتاحي تقريب ۾ منگلا ڪور جي ڪمانڊر ۽ چيني فوج جي ويسٽرن ٿيٽر ڪمانڊ جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل بيان شيائومنگ سميت ٻنهي ملڪن جي سينيئر فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.- Advertisement -
