پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ-چين ٻه طرفن سياسي صلاح مشورن جو ٽيون دور گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ منعقد ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، جڏهن ته چيني وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڌرين ٻن طرفن لاڳاپن جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي هٿي ڏيندا.
پرڏيهي آفيس ترجمان موجب ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي ۽ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي آهي.