SindhTvNews
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
SindhTvNews
W3Schools
No Result
View All Result
Home سنڌ

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

Sindh tv by Sindh tv
اپريل 9, 2023
in سنڌ
255 3
A A
0
501
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر برقرار آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به ايس ٽي پي سميت ٻين ڌرين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي مرڪزي سڏ تي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل خلاف سنڌي ادبي سنگت ۽ اهل فقرا درگاهه جهوڪ شريف پاران اختر بليدي، گل دايو، ڪرشن لعل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

RelatedPosts

ٺل: صدام لاشاري جي ڪيس ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي وارثن جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا

ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو

ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش ٻئي ڏينھن بھ جاري

ٽنڊي الهيار ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ افضل جسڪاڻي، امداد ناريجو، محبوب سمون ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڄامشوري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ساگر عالماڻي، يونس اوٺو، سڪندر بليدي ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

نوشهرو فيروز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اقبال راڄپر، حبيب مشوري، اصغر ڀرٽ ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ترقي پسند هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

مٺي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهنشان مالهي، لالا مهيش ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ميرپور ماٿيلي ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علي نواز جلباڻي، مصطفيٰ نائچ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروهي، ڊاڪٽر سريش آنند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سانگهڙ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ صوفي فقير جي جماعت پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

فيض گنج ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف تصور باقي، عبدالغني شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڪا چانگ جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

نئين ديري ۾ صوفي فنڪارن ۽ شهرين پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف منور فقير ابڙي، صدر الدين شاهه، سليم ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

کپري ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حاجي شاد راڄڙ، سهڻو لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساودن جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، اجمل ساوند ڀوتارڪي نظام ھٿان قتل ٿي ويو، سندس قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.

هنن چيو ته قبيلائي جھيڙن سنڌ جو امن تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سوين ڪونڌر بيڏوھي مارجي ويا پر سرڪار جي ڪن تي جونءَ  به نه چري آهي.

سندن چوڻ هو ته قبيلائي سردارن خوني جھيڙن جا جرڳا ڪري قاتلن کي خون معاف ڪرڻ جو ڪڌو رواج وڌو جنھن سان قبيلائي جھيڙن ۾ تيزي آئي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ۽ سنڌ ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Tweet125
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

ٺل: صدام لاشاري جي ڪيس ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي وارثن جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا

ٺل: صدام لاشاري جي ڪيس ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي وارثن جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا

by Sindh tv
جُون 4, 2023
0
1.4k

ٺل ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان صدام لاشاري جي ڪيس ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي وارثن جا...

ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو

ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو

by Sindh tv
جُون 4, 2023
0
1.4k

ٺل ۾ جي ڊبليو سي پاران  صدام لاشاري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻُو هنيو ويو، جنهن...

ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش ٻئي ڏينھن بھ جاري

ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش ٻئي ڏينھن بھ جاري

by Sindh tv
جُون 3, 2023
0
1.4k

ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش ٻئي ڏينھن بھ جاري رهي، جتي مختلف انبن جي جنسن جا اسٽال لڳايا ويا آهن،...

مقصودو رند ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جي وارثن سان جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر پاران تعزيت

مقصودو رند ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جي وارثن سان جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر پاران تعزيت

by Sindh tv
جُون 3, 2023
0
1.4k

مقصودو رند ڀرسان ڳوٺ خان رند ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جي وارثن سان جي ڊبليو سي...

SindhTvNews

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In