عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته چوڌري ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ سياسي سازش جو حصو آهي، پرويز الاهي جي گهر تي بڪتربند گاڏين ذريعي حملو فسطائيت ۽ انتهائي غير ذميواراڻو قدم آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته چوڌري شجاعت کي پرويز الاهي جي گهر تي حملي جي مذمت ۽ چوڌري سالڪ کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته چوڌري ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ سياسي سازش جو حصو آهي، پاڪستان جو آءِ ايم ايف کان قرض جو مسئلو 10 مئي جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ به شامل ناهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته اسحاق ڊار اقتصادي ۽ معاشي طور تي ئي ناڪام ناهي ٿيو غريب کان ماني جو گرهه به کسي ورتو آهي.
هن چيو ته ڳالهيون ڪامياب ٿين ته تمام سٺي ڳالهه آهي پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي، ملڪ ۽ قوم جي ضرورت آئين ۽ قانون آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت اقتدار سان ڳنڍيل رهڻ چاهي ٿي، چاٻي جي رانديڪن سان ڪليم الله ۽ سليم الله کيڏي رهيا آهن.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سندس لال حويلي تي حڪومت چوٿون ڀيرو حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاءِ ڪورٽ مان به ملڪيت جو ڪيس 4 ڀيرا کٽيو آهي، رات جي اونداهيءَ ۾ لال حويلي تي ڪارروائي ڪئي وئي ته هو ڪنهن به نقصان جو ذميوار ناهي، قومي اسيمبليءَ ۾ جمع بازار لڳل آهي.