پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن رنگ لاتو، خنجراب بارڊر تي چين ۽ پاڪستان ۾ واپار بحال ٿي ويو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خنجراب بارڊر تي سڄي سال لاءِ واپار شروع ٿيڻ تي گلگت بلتستان جي عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خنجراب بارڊر تي سڄو سال واپار جاري رکڻ جو مطالبو چيني حڪومت کان منظور ڪرائي ورتو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري سبب چين به مختلف برآمدي شين تي پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.
گلگت بلتستان اسيمبلي واپار بحال ڪرائڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.
پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آهيون.