پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته ڀارتي دورو واضح پيغام آهي ته پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيو آهي، دوست ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ڪراچي مان خاص اڏام ذريعي ڀارتي شهر گووا پهچي ويو جتي هو شنگهائي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايئر پورٽ تي آڌرڀاءُ ڪيو.
پاڪستان ۾ مقرر ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه بلاول جو آڌر ڀاءُ ڪيو، جي پي سنگهه هاڻي ڀارتي پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ايران چيپٽر جو خاص نمائندو آهي.
روانگي کان اڳ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ايس سي او پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي شهر گووا وڃي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي دورو واضح پيغام آهي ته پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيو آهي، دوست ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.