پشاور زلمي، دلچسپ مقابلي بعد اسلام آباد يونائٽيڊ کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ايونٽ جو ٻيو ايلمينيٽر لاهور ۽ پشاور وچ ۾ کيڏيو ويندو.
لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون.
پشاور طرفان بابر اعظم 64، محمد حارث 34 ۽ صائم ايوب 23 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
اسلام آباد طرفان شاداب خان 2، فضل الله، فهيم اشرف، حسن علي ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽن حاصل ڪئي.
پشاور طرفان مليل 184 رنسن جي حدف جي جواب ۾ اسلام آباد جي ٽيم مقرر اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان 171 رنسون ٺاهي سگهي.
صهيب مقصود ۽ ايلڪس هيلز جي سئو رنسن کان وڌيڪ جي ڀائيواري باوجود پشاور جي ٽيم آخري اوورن ۾ ميچ اسلام آباد کان کسي ورتي.
128 جي مجموعي اسڪور تي صهيب مقصود جي آئوٽ ٿيڻ بعد اسلام آباد جي ٽيم ميچ ۾ واپس نه آئي ۽ وقفي وقفي سان سندس وڪيٽون ڪرنديون رهيون، جنهن ڪري پشاور جي ٽيم ميچ تي حاوي ٿي وئي.
اسلام آباد جو ڪپتان شاداب خان آخر تائين ڪريز تي موجود هجڻ باوجود ٽيم کي کٽرائي نه سگهيو، ائين اسلام آباد مقرر اوورن ۾ 171 رنسون ٺاهي سگهي ۽ پشاور ٻارهن رنسن تان ڪاميابي ماڻي.
پشاور طرفان سلمان ارشد ۽ عامر جمال 2-2 ۽ عظمت الله هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.