سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ تفصيلي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس چار ٽي سان رد ٿيو.
جسٽس اطهر من الله طرفان جاري ڪيل تفصيلي نوٽ 25 صفحن تي ٻڌل آهي.
تفصيلي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته سياستدان مناسب فورمن بدران عدالت ۾ تڪرار آڻڻ سان کٽن يا هارائن ٿا، پر عدالت هر صورت ۾ هارائي ويندي آهي.
نوٽ ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ سميت سمورن ادارن کي پنهنجي انا هڪ طرف رکي آئيني ذميواري پوري ڪرڻي آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ سميت سمورن ادارن کي آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ ماضيءَ مان ڪو به سبق ناهي سکيو، ملڪ سياسي ۽ آئيني بحران مان گذري رهيو آهي.
هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سمورا ذميوار هڪ قدم پوئتي هٽن ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو سهارو وٺن.
تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويوته پنجاب ۽ ڪي پي جي تاريخ بابت پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو وڃي ٿو، درخواستن ۽ پاڻمرادي نوٽيس کي خارج ڪرڻ جا ٽي سبب آهن.
نوٽ ۾ چيو ويو ته فل ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 184 ٽي جي استعمال جي بنيادي اصولن جي پابندي بئنچ تي لازمي هئي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي پنهنجي اڻ ڌرائپ لاءِ سياسي پارٽين جي مفادن وارن معاملن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
تفصيلي نوٽ ۾ چيو يوو ته عدالت کي سياسي درخواست ڏيندڙ جو عمل ۽ نيڪ نيتي به ڏسڻ گهرجي، درخواست ڏيندڙن جو ورتاءُ آرٽيڪل 184 ٽي جو اختيار استعمال ڪرڻ وارو ناهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڻمرادي نوٽيس جو مطلب غيري جمهوري قدرن ۽ حڪمت کي هٿي ڏيڻ هوندو.
تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويو ته ماضي جي فيصلن کي ختم نٿو ڪري سگهجي، پر گهٽ ۾گهٽ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊن جي تاريخ جي معاملي سان تڪرار پيدا ٿيندو، جيڪو بنيادي طور تي سياسي نوعيت جو آهي.
هن چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي درست چيو ته عدالت کي پاڻمرادي نوٽيس ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ کي هڪٻئي پويان ٽيون ڀيرو سياسي نوعيت جي تڪرارن ۾ گهليو ويو آهي.
تفصيلي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن بابت پاڻمرادو نوٽيس چار ٽي سان رد ٿيو، هو جسٽس منصور ۽ جسٽس جمال مندوخيل سان متفق آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ مسلسل سياسي تڪرار جي حل ۾ مرڪز بڻيل آهي، 27 فيبروري تي چانهه جي ڪمري اتفاق ٿيو ته هو بئنچ ۾ ويهندو.
هن چيو ته 23 فيبروري جي ٻڌڻي جي حڪم ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڌار نوٽ به هو، جسٽس يحيٰ آفريديءَ ٻڌڻي جوڳو نه هجڻ جي بنياد تي پاڻمرادو نوٽيس ۽ درخواستون رد ڪيون هو.
جسٽس اطهر من الله چيو ته واضح رهي ته هو نه بئنچ کان ڌار ٿيو نه ئي پنهنجي مختصر نوٽ ۾ اهڙو ڪو سببڏنو.
تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويو ته هن پنهنجي نوٽ ۾ درخواستن جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ بابت بنا هٻڪ راءِ ڏني.
جسٽس اطهر من الله چيو ته جسٽس منصور ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي تفصيلن سبب سان مڪمل اتفاق ڪريا ٿو.
تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويو ته عدالت کي سياسي تڪرارن کان بچڻ لاءِ پنهنجي نوٽ ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي تجويز ڏني، فل ڪورٽ سان عوامي اعتماد قائم رهي ها.