لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب اسيمبلي جي بحالي لاءِ داخل درخواست رد ڪندي درخواست ڏيندڙ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب اسيمبلي جي بحالي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس شاهد ڪريم شهري شرافت علي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته درخواست ڏيندڙ ڪير آهي ۽ سندس ڪهڙو تعلق آهي؟، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست ڏيندڙ فيصل آباد جو رهواسي ۽ سياسي ڪارڪن آهي.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙي درخواست آهي هن سان عدالت جو وقت ضايع ٿيندو آهي.
عدالت پنجاب اسيمبلي جي بحالي لاءِ داخل درخواست رد ڪندي درخواست ڏيندڙ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
جسٽس شاهد ڪريم چيو ته ڏنڊ جي معافي جي درخواست ڪئي ته ڏنڊ وڌائي 2 لک رپيا ڪيو ويندو.