پنجاب پوليس رحيم يار خان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري هڪ مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي نگراني ۾ رحيم يار خان جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس گرينڊ آپريشن شروع ڪيو.
پوليس جي آپريشن دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
آپريشن دوران هڪ پوليس اهلڪار سرفراز گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.
آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته ڪچي ۾ ماڻهن کي اغوا ڪري وارثن ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڏهن ڏهن قتلن ۾ ملوث ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن، ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو.
آءِ جي پنجاب چيو ته 2 هزار جوانن جو دستو موڪليو آهي، آپريشن ۾ 11 هزار جوان حصو وٺي رهيا آهن، ڪچي وارن علائقن مان چورن ۽ ڏوھارين جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو.
آپريشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پي سي ۽ مختلف ضلعن مان ٻه هزار وڌيڪ اهلڪار روانا ٿي ويا آهن.