پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندي.
پنجاب جي گهرو کاتي موجب پاڪ فوج جي 10 ڪمپنين جون خدمتون پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن.
پنجاب جي نگران گهرو وزير جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج کي آرٽيڪل 245 تحت طلب ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت پنجاب جي گهرو کاتي جي درخواست تي پنجاب ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ٻئي پاسي خيبرپختونخوا حڪومت به صوبي ۾ فوج طلب ڪرڻ لاءِ وفاق کي درخواست ڏني آهي.