اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، سينيئر قانوندان فاروق ايڇ نائڪ کي طلب دبئي طلب ڪري ورتو آهي.
آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت قانوندان فاروق ايڇ نائڪ سان صلاح مشورو ڪندو.
سينيئر قانوندان فاروق ايڇ نائڪ، آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ دبئي روانو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت صلاح مشوار ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڏايو آهي.