اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن جي تاريخ بابت ٻنهي صوبن جي گورنرن کي خط لکي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب ۾ گورنر 9 کان 13 اپريل وچ ۾ پولنگ جي تاريخ مقرر ڪري جڏهن ته خيبرپختونخوا جو گورنر 15 کان 17 اپريل وچ ۾ ووٽنگ جي تاريخ مقرر ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ 54 ڏينهن گهربل آهن.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد چيو ته پنجاب اسيمبلي 14 جنوري ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي 18 جنوري تي ٽوڙي وئي.
سندس چوڻ هو ته گورنر اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ جو پابند آهي، پنجاب اسيمبلي جا 90 ڏينهن 14 جنوري شروع ٿين ٿا ۽ پنجاب لاءِ 13 اپريل کانپوءِ پولنگ جي تاريخ نٿي رکي سگهجي.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد چيو ته ڪي پي اسيمبلي جا 90 ڏينهن 18 جنوري کان شروع ٿي ويا آهن، ڪي پي اسيمبليءَ لاءِ 17 اپريل بعد پولنگ جي تاريخ نٿي رکي سگهجي.