اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلي جي عام چونڊن ۽ قومي اسيمبلي جي 86 سيٽن تي ضمني چونڊن جي تاريخن تي مشاورت لاءِ اجلاس 7 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
سيڪريٽري چيو ته صوبائي اسيمبلين جي آزاد ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو، رجسٽرار هاءِ ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان عدالتي آفيسرن جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن، رجسٽرار هاءِ ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي خط به موڪليو ويو آهي.