پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج دوران 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پشاور ۾ وڳوڙين جي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي حملي سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 32 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
شرپسندن ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي ۽ بيٺل گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ قميتي سامان به کڻي ويا، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه کي مليڪتن کي نقصان پهچايو.
ڊي جي ريڊيو موجب شرپسند ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي حملو ڪري مختلف شعبن ۾ تباهي ڪري ڇڏي.
پشاور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا
ايڌي ترجمان موجب لاهور ۾ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ شيلنگ سبب پي ٽي آءِ جا 8 ڪارڪن زخمي ۽ ٻه حياتي وڃائي ويٺا، جن ۾ 25 ورهين جو عبدالقدري ۽ 35 ورهين جو اڻڄاتل شخص شامل آهي.