پنجاب جي عام چونڊن لاءِ فنڊن جي قومي اسيمبلي مان ٻيهر منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کانپوءِ وفاقي ڪابينا به فنڊن جي فراهمي وارو معاملو پارليامينٽ موڪلي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن کي فنڊن جي فراهمي بابت سمري هاڻي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي ويندي.
اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر جو چوڻ آهي ته پنجاب جي عام چونڊن لاءِ فنڊ مخصوص ڪيا ويا آهن، حڪومت جي اجازت کانسواءِ رقم جاري ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي.