پنجاب ۾ مڙس پنهنجي رٺل زال کي پرچائڻ لاءِ پنهنجي زبان ڪٽي ڇڏي.
پنجاب جي شهر فيصل آباد جي بابر ڪالونيءَ ۾ هڪ شخص پنهنجي رٺل زال کي پراچئڻ لاءِ پنهنجي زبان ڪٽي.
پوليس موجب زال گهر واپس اچڻ لاءِ مڙس آڏو وات بند رکڻ جو شرط رکيو هيو، مڙس وات بند ڪرڻ بدران پنهنجي زبان قنچيءَ سان ڪٽي ڇڏي.
پوليس موجب بابر ڪالونيءَ جي 40 سالن جي زمان جي زبان ڪٽجي ٻه حصا ٿي وئي.
کيس شهر جي اسپتال نيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ فارغ ڪري گهر موڪليو ويو.