تحريڪ انصاف الزام هڻندي چيو آهي ته اسپيڪر راجا رياض کي بچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون آهن.
تحريڪ انصاف جي مرڪزي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته حڪومت جو مقصد ايجنڊا موجب پنهنجي مرضي جا چونڊ نتيجا حاصل ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ منصوبي تحت تڪراري شخص کي آندو ويو آهي، سڀ ڪجهه هڪ منصوبابندي تحت ٿي رهيو آهي ۽ هو ان کان بي خبر ناهن.
هن چيو ته سندن اسيمبلي ۾ وڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي، هو هڪ اهڙو مخالف ڌر جو اڳواڻن چاهن ٿا جيڪو سندن آڱوٺي جي هيٺان هجي,، هو پنجاب کان پوءِ وفاق ۾ اهڙو ماڻهو چاهن ٿا.
شاهه محمود قريشي چيو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ شفاف چونڊ چاهن پيا، مخالف ڌر نا مناسب نالا تجويز ڪيا، اڃان فيصلي جي مس ئي نه ٿي سڪي ته اليڪشن ڪميشن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿي رهيا آهن، انهن جي چونڊ ڪرائڻ جي نيت ئي ناهي، هو ٽال مٽول ڪندا ته جيئن چونڊ نه ٿي سگهي.
هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته محدود تعداد ۾ اسيمبلي وڃڻ جو مقصد مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض کي فارغ ڪرڻ آهي ٻئي صورت ۾ اسيمبلي جي ڪا حيثيت ناهي، اسپيڪر جي قدمن سبب 40 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن.
سندس چوڻ هو ته هن وقت شهباز شريف حڪومت 172 ماڻهن جي حمايت وڃائي ويٺي آهي ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ لوٽن تي ڀاڙيو پيو وڃي.