پنگريو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي.
آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته ميان بشير ڪمبوهه، لکاڏنو عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شادي سمال واهه موري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته سندن حصي جو پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي.
هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هاڻي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي جنهن ڪري ماڻهو ٻٽي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
سندن چوڻ هو ته سڀاڻي شادي لارج شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.