- Advertisement -
ڀلاري مهيني رمضان المبارڪ جي ڀلاري جي پهرين رات ۾ غزه تي وحشياڻا حملا ڪيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 85 فلسطيني شهيد ۽ 130 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، يهودي فوج فلسطينين کي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيل جي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 13 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته 72 هزار 654 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
فلسطيني ميڊيا موجب، النصيرات پناهگير ڪيمپ ۽ المواسي ۾ بمباري، 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته غذائي کوٽ سبب هڪ وڌيڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ بک وگھي شهيد ٿيلن جو انگ 26 ٿي ويو.
ٻئي پاسي يهودي فوج فلسطينين کي نماز ۽ تراويحون پڙهڻ لاءِ مختلف مسجدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
هوڏانهن حماس جو چوڻ آهي ته رمضان کان جنگ بندي معاهدي جي ناڪامي جو ذميوار اسرائيل آهي.
ٻئي پاسي سعودي بادشاهه رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگي ڏوهه روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو چوڻ آهي ته عالمي برادري فلسطينين خلاف بربيت کي روڪرائي، امداد جي پهچ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
هن مسلمان کي اپيل ڪئي ته پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي ڪڏهن به نه وسارجو………- Advertisement -
