- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس کاتي کي بهتر ڪرڻ لاءِ سندن ڪوششون جاري آهن، پوليس ڪلچر کين پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين نموني نڀائڻ جو نظم ۽ ضبط سيکاري ٿو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي آفيس ميرپورخاص پهتو، جتي ڊي آءِ جي زبير دريشڪ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا سندس آجيان ڪئي.
آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي آفيس ڪامپليڪس ۾ جوڙيل گيسٽ هائوس جو افتتاح ڪيو ويو.
تقري ۾ ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص زبير دريشڪ، ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا، ايس ايس پي روحيل کوسو، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد، ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ سميت ڊويزن جي ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس کاتي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
هن چيو ته پوليس ڪلچر کين پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين نموني نڀائڻ جو نظم و ضبط سيکاري ٿو.
سندس چوڻ هو ته پروگرام رکڻ جو مقصد آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪرڻ آهي………….
- Advertisement -
