پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اجمل ساوند هڪ علم دوست شخصيت هو، سندس قتل جو ٻڌي تمام گھڻو صدمو رسيو.
هن سنڌ سرڪار ۽ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي فوري طور گرفتار قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي سندس وارثن ۽ شاگردن سان افسوس جو اظهار پڻ ڪيو..