سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پوليس وين ۽ پيپلز بس سروس تي حملا ڪندڙن کي بخش نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪوئا ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، ٻاهر نڪتا تي پڪڙجي پوندا، تحريڪ انصاف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سياسي پارٽي آهي يا وري دهشتگرد تنظيم، پيپلز بس سروس ۽ پوليس وين تي حملي ۾ ملوث ماڻهن کي بخش نه ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ وارن کي پنهنجي قيادت کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي حق ۾ ناهن، پر هاڻي جنهن به ڪا ڪاٺي به ٽُوڙي تي ان کي نه ڇڏيو ويندو.
هن چيو ته حليم عادل، خرم شير زمان ۽ فردوس شيميم نقوي کي ايوان ۾ هجڻ گهرجي ها، ايم ڪيو ايم جيئن متحده باني کان لاتعلقي ظاهر ڪئي ائين ئي پي ٽي آءِ وارا به عمران خان کان لاتعلقي ظاهر ڪري اڳتي اچن.
وڏي وزير چيو ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتون ته ساڙيون ويون پر ايمبولينس کي به نه ڇڏيو ويو، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا به جناح هائوس ۾ آهي، پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي تحريڪ انصاف يا تحريڪ طالبان بڻجڻ چاهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڪوئا ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، ٻاهر نڪتا تي پڪڙجي پوندا، تحريڪ انصاف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سياسي پارٽي آهي يا وري دهشتگرد تنظيم، پيپلز بس سروس ۽ پوليس وين تي حملي ۾ ملوث ماڻهن کي بخش نه ڪيو ويندو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته هاڻي گهڻو ٿيو، واضح هدايتون ڪيون آهن ته جيڪو به غلط ڪندو ان کي نه ڇڏيو ويندو.