پاڪستان سپر ليگ اٺين ايڊيشن جو فائنل اڄ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پي ايس ايل فائنل مسلسل ٻئي سال به لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ ٿي رهيو آهي.
فاتح ٽيم ٻيو ڀيرو چيمپيئن بڻجندي، جڏهن ته لاهور قلندرز اعزاز جو دفاع ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي سگھي ٿي.
چيمپيئن ٽيم کي خوبصورت ٽرافي کان علاوه 12 ڪروڙ رپين جي انعام رقم ملندي جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 4 ڪروڙ 8 لک رپيا ملندا.
واضع رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايلمينيٽر ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي پي ايس ايل ايٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪيو هو.
لاهور ۾ کيڏل ميچ ۾ پشاور جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون جڏهن ته لاهور جي ٽيم گھربل هدف 18 ڏهائي 4 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.