پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي فائنل مئچ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آھي، فائنل مئچ ھاڻي 18مارچ تي ٿيندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آھي ته پي ايس ايل جي فائنل دوران برسات جو امڪان آھي، ان ڪري فائنل کي ري شيڊول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
ھن چيو ته پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جو فائنل ھاڻي 19 مارچ بدران 18 مارچ تي ٿيندو، جڏھن ته خريد ڪيل ٽڪيٽس 18 مارچ تي استعمال جوڳيون ھونديون.